جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي جي هدايت تي ايس ايڇ او صدر غلام اصغر تنيو سندس ٽيم پاران شنبي شاهه وٽ بلوچستان کان شڪارپور ويندڙ 4 چنگچي رڪشا تي ڇاپا هڻي تلاشي ورتي ته انهن مان 120 ڪلو گٽڪو،100 ڪلو سپاريون هٿ ڪري چار جوابدارن غلام عباس مارفاڻي، مير حسن سنجراڻي، توقير احمد سنجراڻي ۽ سلمان مارفاڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.










