پوليس جي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد 5 زخمي

ٺل(ن سنڌيار)ڳڙهي حسن سرڪي جي ڌوئا محلا ۾ سي آئي اي پوليس پاران مبارڪ ڌوئو جي قاتلن جي گرفتاري لاء گهر تي چڙهائي ڪئي جتي ڳوٺاڻن مردن طوڙي عورتن جي پوليس سان منهن ماري ٿي پئي جنهن تي  پوليس عملدارن هوائي فائرنگ ڪندي عورتن مٿان تشدد ڪيو جنهن سبب  ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا،سي آئي اي پوليس ماڻهن کي مڇريل ڏسي ڀڄي وئي،زخمين کي تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو جڏنهن ته ڳوٺاڻن مردن طوڙي عورتن پوليس جي زيادتين خلاف ڳڙهي حسن سرڪي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي عورتن پاران پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته پوليس بلا جواز اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪئي آهي،هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته سي آئي اي انچارج خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو