پوليس جي نجي ٽارچر سيل،2 ڄڻا ناحق قيد

ميرپور ماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس طرفان نجي ٽارچر سيل ۾ 2 ڄڻن کي ناحق قيد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نجي ٽارچر سيل ۾ ٻن ڄڻن کي قيد ڪري اهلڪار مقرر ڪيو ويو، نجي ٽارچر سيل ۾ هٿڪڙين سان واڙيل ٻن ڄڻن تي پوليس پاران وحشياڻو تشدد به ڪيو ويو، نجي ٽارچر سيل جي نشاندهي ڪرڻ تي پوليس صحافي برڪت ميراڻي تي ڏمرجي پئي، پوليس موبائيل ۾ کنڀي وڃڻ بعد وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اهلڪار برڪت ميراڻي جو موبائيل فون کسي کڻي ويا، صحافي جي نشاندهي کانپوءِ ڪوريج تي پهتل ٻين ڪجهه صحافين کي به پوليس مبينا طور کنڀي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو