بوزدار وڏا (حسين ٽانوري)ڳوٺ ماڻڪ سيال جي رهواسين جو بوزدار وڏا پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته کين قتل ڪيس ۾ بيگناھ ڦاسايو ويو آهي معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ربنواز سيال پنهنجي خاندان سميت احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل اعجاز سيال جو بوزدار وڏا ٿاڻي تي مون ۽ منهنجي ڀائرن ڀيڻ ۽ چاچا تي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو هيو جنهن مان آئون ۽ ڀيڻ بيبا سيال ضمانت ڪرائي آهي جنهن تي بوزدار وڏا پوليس منهنجي گهر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ ڪري گهر ۾ پيل 45 مڻ اَن، پيتين جا تالا ٽوڙي 3 تولا سون، 45 هزار روڪ رقم نوان ڪپڙا ۽ گهر ۾ بيٺل ٽريڪٽر ڪاهي غائب ڪري ڇڏيو آهي، بوزدار وڏا پوليس هن واقعي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي بيگناھ ماڻهن کي گرفتار ڪري هزارين روپيا رشوت وٺي ڇڏي ڏيڻ سان گڏ ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو جاري آهي ھنن چيو ته منهنجي ڀيڻ بيبا سيال کي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي انهن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نئين پرنيل گهوٽ اعجاز سيال زال کي وٺڻ ويو ته سهري جي گهر مان سندس لاش مليو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته هي قتل ۾ نامزد جوابدار آهن.










