ٺل(ن سنڌيار)ٺل ۾ پوليس جي زيادتين جي خلاف صحافين پاران احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ ڪاروائي جي گهرڪئي وئي. ٺل ۾ صحافين پاران پوليس جي زيادتين جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، مظاهرين پاران ٺل پوليس جي ناانصافين جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن عاشق حسين دايو،عرض بنگلاڻي،نزاڪت ڪنراڻي،سني شرما،محمد موسيٰ سرڪي،عبدالرزاق ٻرڙو،محبوب قاضي ۽ ٻين چيو ته ٺل پوليس جون ناانصافيون وڌي ويون آهن،جيڪب آباد جي سينيئر صحافي عاشق دايو جي مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي تشدد ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين پوليس عملدارن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته صحافي عاشق حسين دايو جي مٿان تشدد ڪندڙن پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.










