پوليس جي زيادتين خلاف ايس يو پي جو احتجاج، ڌرڻو

پوليس جي زيادتين خلاف ايس يو پي جو احتجاج، ڌرڻو

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ايس يو پي تعلقه سڪرنڊ پاران صحافي چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ فلڪ  شير اوڏ، محمد بچل ڏھيو، قربان مگسي، محڪم لنڊ ڪري رھيا ھا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پوليس ايس ايڇ او کان وٺي ايس پي تائين زرداري فورس بڻي پئي آھي جيڪا انھن جي حڪم کان سواءِ ڪا به ڳالھ مڃڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته ايس يو پي جا ڪيترائي  ڪارڪن جن ۾ قائم الدين سرڪي، ڊاڪٽر انور لغاري، ممتاز ڳورڙ سميت ڪيترائي ڪارڪن بي گناھ شھيد ڪيا ويا آھن جن جا قاتل اڄ ڏينھن تائين آزاد گھمندا پيا وتن مگر انهن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏھن ڪو ڪارڪن انھن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو ٿو ڪري ته انھن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ٿو وڃي. تازو ھڪ ھفتو اڳ تنگواڻي ۾ ايس يو پي ڪارڪن رحمدل لاشاري کي گرفتار ڪري بند ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ٿا ڪيون ته رحم دل کي ڦورن آزاد ڪيو وڃي. ڌرڻي ۾ قلندر بخش ملاح، علي بخش ڪيريو، اڪبر علي مھر سميت ڪيترائي ايس يو پي جا ڪارڪن شامل ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو