پوليس جي خاطري بعد جدوجهد ڪاميٽي پاران احتجاج معطل

پوليس جي خاطري بعد جدوجهد ڪاميٽي پاران احتجاج معطل

ٺل(عبدالنبي شيخ) ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ٿي ويل قائم الدين سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي جيڪب آباد جي يقين ڏيارڻ بعد جدوجهد ڪاميٽي هفتو احتجاج معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي سان ملاقات، قاتل گرفتار ڪرڻ جو مڪمل يقين ڏياريو،اڳواڻن ٻڌايو ته ايس پي صاحب سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي قاتل گرفتار ڪرڻ جو مڪمل يقين ڏيارو آهي ۽ اسان متفقه طور فيصلو ڪيو آهي ته اٺ ڏينهن احتجاج بند ڪنداسين. جيڪڏنهن اٺن ڏينهن اند قاتل گرفتار نه ٿا ٿين ته ان کان پوء اسان جو احتجاج آر پي او آفيس آڏو هوندو. هوڏانهن ايس پي آفيس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته قائم الدين سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن، ٻن جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. اسان جي ڪوشش آ ته وڌيڪ جوابدار به جلد گرفتار ٿيندا. هوڏانهن قائم الدين سرڪي جي گرفتاري لاءِ غوثپور ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو