غوثپور (ن س) غوثپور ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو روپوش جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڪچي جي علائقي ڳوٺ بصر اوڳاھي تي ايس ايڇ او ممتاز خاصخيلي وڏو منشي عبدالله چنا جي اڳواڻي ۾ چڙھائي ۽ سرچ آپريشن ڪيو جوابدار پوليس نفري کي ڏسندي ئي گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا۔ پوليس ٽن مبينه جوابدارن لقمان ۔ شيرمحمد ۽ غني اوڳاھي جا گھر اي پي سي چئن سان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ ھڪ شڪي جوابدار سوگھو ڪري کيس اڻ ڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو۔ سرچ آپريشن دوران پوليس جوابدارن جي اوطاق ۾ بيٺل ڏھ ڍور ڪاھي ڊاٽسن ۾ کڻائي ڍڪ حوالي ڪيا ويا










