لاهور (ويب ڊيسڪ)پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعجاز چوڌري وٽان پستول هٿ ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اعجاز چوڌري وٽان هٿ آيل پستول فرانزڪ ليب موڪليو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي هٿياربند احتجاج جي جوابدار اعجاز چوڌري وٽان هٿ آيل هٿيارن جي فرانزڪ رپورٽ جاچ جو حصو هوندي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي فوٽو گرافي ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي، فوٽو گرافي ٽيسٽ ۾ 9 مئي تي جوابدارن جي وڊيوز جو تعين ٿيندو.










