پولنگ ۾ مداخلت ۽ فساد ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي: چيف اليڪشن ڪمشنر

پولنگ ۾ مداخلت ۽ فساد ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ضمني چونڊن ۾ رڪاوٽ وجهندڙن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پولنگ عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، ضمني چونڊن جي پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي.ٻئي طرف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته پولنگ ۾ مداخلت ۽ فساد ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم دھاندلي ۾ ملوث ثابت ٿيو ته کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي وڃي، پولنگ هر صورت ۾ پرامن ۽ يقيني بڻائي وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر عوام کي پيغام پڻ ڏنو آهي ته ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي ووٽ ڏيڻ لاءِ اچن.

پهنجو تبصرو موڪليو