اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي گهوٽڪي ضمني چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنز اندر فوج جي مقرري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي احتجاج ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي ۽ پارليامينٽيرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري ۽ فرحت الله بابر سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضمني اليڪشن جي موقعي تي پولنگ اسٽيشنز جي اندر فوجي جي مقرري ڳڻتي جوڳي آهي، شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪم واپس ورتا وڃن. نيئر بخاري هڪ سوال تي چيو ته سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ جي حوالي سان قاعدا ۽ آئين بلڪل واضح آهن، سينيٽ چيئرمين طرفان رولز جي تشريح درست ناهي.










