دادو (ن س) جوهي پي ايس 86 جي ننڍي چونڊ بعد ڳڻپ جاري آهي،غير سرڪاري نتيجن موجب 158 پولنگ اسٽيشنز جا غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو اميدوار 42 هزر کان مٿي ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽحريڪ انصاف جو اميدوار امداد لغاري ساڍا 25 هزار ووٽ کنيا. پولنگز جا نتيجا اچن بعد پي پي ڪارڪن مٺائي ورهائي دهلن ۽ شرنائين سان خوشي جو اظهار ڪندي جهمريون هڻي رهيا آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مايوس ٿي گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن. لغاري برادري جي اهم شخصيت پي پي ۾ شامل ٿيڻ بعد پي پي جي کٽڻ جي پڪ ٿي وئي هئي. ڏينهن جو پولنگ دوران ووٽ ڪاسٽ ڪندڙ نوجوان دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو هو. جوهي جي يونين ڪائونسل ساوڙو جو رهائشي مختيار رودناڻي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي پولنگ اسٽيشن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ آيو ته کين دل جو دورو پئجي ويو جنهن کي فوري طور دادو اسپتال آندو ويو پر هو بچي نه سگهيو. واضح رهي ته فوتي نوجوان يونين ڪائونسل ساوڙو جي ڳوٺ ڏاتو رودناڻي جو رهائشي هيو. گهر ڀاتين کي اهڙي خبر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار رهيو. ياد رهي ته سنڌ اسمبلي جو تڪ 86 پيپلز پارٽي جي سيد غلام شاهه جيلاني جي وفات سبب خالي ٿي هئي جنهن تي پي پي پاران سندس پٽ سيد صالح شاهه اميدوار آهي.










