پورهيت کي بيگناهه قتل ڪندڙ 3 جوابدار پوليس هٿان گرفتار

 غوثپور(عبدالنبي ملڪ) 2 ھفتا اڳ ڪچي جي علائقي ۾ ڪاٺيون وڪرو ڪري پيٽ پاليندڙ نوجوان عبدالحميد شيخ کي مبينا اغوا بعد کيس بخشاپور واري علائقي ۾ شاھي واھ ڀرسان ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪندڙ ٻن مک جوابدارن کي غوثپور ايس ايڇ او حسين علي شاهاڻي ڪچي جي علائقي شول لانڍي ڀرسان ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. پوليس ذريعن ٻڌايو ته جوابدار سيد ڪرامت علي شاھ ۽ سيد حبدار علي شاھ پھنجي ٽئين ساٿي نادر کوسو سان ملي ڪري نوجوان عبدالحميد شيخ کي ڪھاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري سندس لاش کي بخشاپور ڀرسان شاھي واھ ڀرسان اڇلائي فرار ٿي ويا ھئا جوابدارن سندن وارثن کان فون ذريعي 20 لک روپيه ڀنگ به طلب ڪئي ھئي جيڪا نه ڏيڻ تان ھن کي قتل ڪيو ويو. پوليس سندن فون ٽريس ڪري ھڪ جوابدار نادر کوسي کي گرفتار ڪري ورتو ھيو ۽ بقايا جوابدار فرار ٿيل ھئا جن کي اڄ سويري ڪچي جي علائقي شول لانڍي ڀرسان ڳجھي اطلاع بعد سوگھو ڪيو ويو آھي۔ واقعي جي ايف آءِ آر اڳ ۾ داخل ٿيل آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو