پورشنز ٺاهڻ خلاف درخواست تي ڌرين  کي نوٽيس جاري

پورشنز ٺاهڻ خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ هاشم آباد ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ پورشنز ٺاهڻ جي خلاف درخواست تي ڊي جي ايس بي سي اي هاشم آباد ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو درخاوست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته سوسائٽي جا پنهنجا ذميوار قانون جي خلاف اڏاوت ڪري رهيا آهن ايس بي سي اي ۽ ٻيون اختياريون ڪارروائي نه پيون ڪن عدالت ڊي جي ايس بي سي اي، هاشم آباد ڪوآپريتو هائوسنگ سوسائٽي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت مئي جي ٽئين هفتي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو