پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست

مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن ئي فيصلو ٿي ويو، پاڪستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ملي. انگلينڊ 3 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ پهرين ميچ کٽي ورتي. وسيم اڪرم چيو آهي ته آسان ميچ پاڪستاني ڪپتان اظهر جي غلط منصوبه بندي سبب هارائجي وئي. هن چيو ته هي ڪائونٽي ميچ ناهي ته لائن اينڊ لينٿ تي سڄو ڏينهن بالنگ ڪجي. پڪٽ ڪيپر جوز بٽلر 75 رنز ٺاهي ۽ ڪرس ووڪس 84 ناٽ آئوٽ تي شاندار اننگ کيڏي ميچ کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

Photo Twitter

ٻئي اننگ ۾ ياسر شاهه 4 وڪيٽ ورتيون، آفريدي، عباس ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستاني ٽيم 169 رنز تي ڍير ٿي وئي. ياسر شاهه 33 ۽ نسيم شاهه رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ پاڪستان ميچ کٽڻ لاءِ انگلينڊ کي 277 رنز جو ٽارگٽ ڏنو آهي. انگلينڊ ٻئي اننگ جي شروعات پراعتماد اندازخ ۾ ڪئي آهي.ٽئين ڏينهن تي انگلينڊ پاڪستان جي پهرين اننگ جي 326 رنز جي جواب ۾ 219 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان ٻئي اننگ شروع ڪئي ته 44 اوورز ۾ 137 تي سندس 8 آئوٽ ٿي ويا. شان مسعود زيرو، عابد علي 20، اظهر علي 18، بابر اعظم 5، اسد شفيق 29، محمد رضوان 27، شاداب 15 ۽ شاهين آفريدي 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. ان کان اڳ انگلينڊ پهنجي پهرين اننگ شروع ڪئي ته 21 رنز تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. روري جوزف برنز 4 بالن تي هڪ چوڪو هڻي شاهين آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، ڊوم سبلي 8 بالن تي 8 رنز اسڪور ڪري عباس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيبين اسٽوڪ 7 بالن تي بنا رن ٺاهي عباس جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. ڪپتان جو روٽ 38 رنز، اولي پوپ 62، ڪرس ووڪس 19، ڊوم بيس 1، آرڇر 16، براڊ 29 ۽ اينڊرسن 7 رنز ٺاهيون. ياسر شاهه 4، محمد عباس ۽ شاداب ٻه ٻه وڪيٽون، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستاني ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. پهرين اننگ ۾ شان مسعود ۽ عابد علي اوپننگ ڪئي، عابد ٻن چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي 16 رنز ٺاهي آرچر جي بال تي بولڊ ٿيو. ڪپتان اظهر علي به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ 6 بالن تي بنا رن ٺاهي ڪرس ووڪس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، بابر اعظم ۽ شان مسعون اسڪور اڳتي وڌايو ۽ شان مسعود 319 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 18 چوڪن جي مدد سان 156 رنز اسڪور ڪري اسٽيورٽ براد جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. هو 24 سالن ۾ پهريون ڀيرو انگلينڊ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ پاڪستاني آهي. بابر اعظم اينڊرسن جي بال تي جو روٽ هٿان 11 چوڪن جي مدد سان 106 بالن تي 69 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. اسد شفيق هڪ چوڪي جي مدد سان 22 بالن تي 7 رنز ڪري براڊ جي بال تي بين اسٽوڪ هٿان ڪيچ ٿيو. رضوان 41 بالن تي ووڪس جي بال تي جوز بٽلر هٿان ڪيچ ٿيو، شاداب خان 76 بالن تي ٽن چوڪن جي مدد سان 45 رنز ٺاهي ڊوم بيس جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، ياسر شاهه 25 بالن تي 5 رنز ٺاهي آرچر هٿان ايل بي ڊ بليو ٿيو، محمد عباس آرچر جي پهرين بال تي بنا رن ٺاهي ڪيچ ٿيو.نسيم شاهه 8 بال کيڏڻ بعد بنا رن ٺاهي براڊ جي بال تي بٽلر هٿان ڪيچ ٿيو ۽ شاهين آفريدي ٻن چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 9 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو