پن ٻيڙي واري صنعت زوال پذير، ڪاريگر بيمارين ۾ مبتلا

ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون ) سنڌ ۾ پن جي ٻيڙي جو واھپو تمام پراڻو آھي. اڳي پن جي ٻيڙي جو پن انڊيا مان ٿر واري بارڊر کان اٺن تي سمگل ٿي ايندو هو جنھن کي ٽينڊو جي نالي سان سڏبو هو. هاڻي اهو قانوني طور تي دبئي کان اچي ٿو جنهن ڪري پن جي ٻيڙين کي انڊيا جون ٻيڙيون به چيو وڃي ٿو چئن قسمن جون پن جون ٻيڙيون ٻڌيون وڃن ٿيون جن ۾ وڏي ٻيڙي ، ننڍي ٻيڙي ، فرمائش ۽ ڏاند پڇي ٻيڙي شامل آھن. 25 ٻيڙين جي بنڊل کي جوڙي سڏيو يا چيو وڃي ٿو پن جي ٻيڙين جي شروعات هندستان کان ٿي،. سگريٽن جي جديد صنعت اچڻ ڪري پن جي ٻِيڙين جي مقامي صنعت زوال پذير ٿي وئي. بدين ضلعي جي شهرن ٽنڊوباگو، پنگريو، بدين، گولاڙچي، ماتلي، تلهار، ڪڍڻ، غلام شاه موري، راڄوخاناڻي، ٽنڊو غلام علي، دنبالو ۽ ٻين شھرن ۾ مقامي طور تي عروج تي پهتل پنن مان ٻِيڙين ٻڌڻ جي صنعت زوال پذير ٿي وئي. جنهن ڪري بدين ضلعي جي مٿين ڄاڻايل شھرن ۾ ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪاروبار ڪندڙ سيٺ ۽ انهن جي ڀانڊن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي ٻيڙين ٻڌڻ جا ڪاريگر بيروزگار ٿي ويا آھن.

رڳو تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٽن سالن دوران 13 ٻيڙين ٻڌڻ جا ڪاريگرفوت ٿي چڪا آھن ۽ 9 ڪاريگر هن وقت مختلف موذي مرضن ۾ مبتلا ٿيل آھن. هٿ ڪيل معلومات موجب فوت ٿي ويل ڪاريگرن ۾ ٽنڊوباگو شھر جي مير محله جا رهندڙ مڱڻهار برادري جا 4 ڄڻا غلام حسين، محمد علي، محمد بخش ۽ غلام عباس مڱڻهار دم سهڪ ۽ سله جي بيماري جي ور چڙھي فوت ٿي ويا. ان کان سواء مراد، محمد خاصخيلي ۽ محمد سولنگي دل جي بيماري ٿيڻ سبب فوت ٿيا جڏهن ته علي محمد ملاح، احمد ملاح، پوڙھو لاشاري ٽي بي جي موضي مرض ۾ فوت ٿي ويا. مير حسن ڀان، ڪينسر وگھي فوت ٿيو. نياز ملاح، غربت سبب ذهني مريض بنجي فوت ٿي ويو ۽ تازو ئي ٻِيڙي ورڪرز يونين جو نائب صدر عبدالرزاق ڀان ڪاري سائي جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته محمد جمن ڀان، ربڏنو ڀان، سليمان ملاح، فقير محمد ملاح، علي محمد ملاح، ابراهيم مڱڻهار، سليم مڱڻهار، احمد ڀان ۽ مصري ڀان ٽي بي، ڪاري سائي، دم جي بيمارين ۾ مبتلا آھن. ٽنڊوباگو ۾ پن جي ٻِيڙين جو ڪاروبار ڪندڙ غلام رسول سولنگي، علي اڪبر ڀان، ريشم ريٻاري ۽ روي شنڪر ٻڌايو ته پرڏيهه مان ايندڙ ٻِيڙين جي پن تي ٽيڪس هئڻ ڪري پن مهانگو ٿيڻ ۽ سستا سگريٽ اچڻ ڪري ٻِيڙين جو ڪاروبار نفعي بخش نه رهيو آھي. جڏهن ته ڪن واپارين پاران سادو تماڪ لڳائڻ ڪري ٻِيڙي جو ذائقو خراب ٿيڻ ڪري پن جي ٻيڙين جي وڪري ۾ وڏي گھٽتائي آئي آھي. ٻيڙين جي ڀانڊن ۾ ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جي يونين جي اڳواڻن سائينڏنو ملاح، الطاف مڱڻھار، ڏاڙھون مڱڻھار ۽ ٻين ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ۾ هڪ ٻيڙي ٻاڌارو 5 کان 6 سئو ٻيڙيون ٻڌي ٿو اسان کي ان جي 300 مزدوري ملي ٿي جنهن مان اسان جو گذر سفر ڏاڍو مشڪل سان ٿئي ٿو. هنن ٻڌايو ته هن وقت ٽنڊوباگو ۾ هڪ سئو پن جي ٻيڙين جا ڪاريگر ڪم ڪن ٿا جن مان ڪيترائي سهڪي، دم ۽ ٽي بي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن جيڪي علاج ڪرائڻ کان به قاصر آھن. هنن ٻڌايو ته اسان پنهنجي اولاد کي پڙھائڻ ته پري پر ٻن وقتن جو پورو کاڌو به کارائي نٿا سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو