پنڪچر فري ۽ بنا هوا وارا گاڏين جا ٽائر تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ روڊ حادثا گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪافي عرصي کان ٽائر ٺاهيندڙ ڪمپنين ۾ بنا هوا ۽ ٽيوب وارا ٽائر ٺاهڻ تي تحقيق هلي رهي آهي. برجسٽون، هينڪوڪ. مچلن ۽ ٻيون ڪمپنيون ان ڏس ۾ بنا هوا وارا ٽائر ٺاهي رهيون آهن. پاڪستان ۾ موٽر سائيڪلن جا به بنا هوا وارا ۽ ڪڏهن پنڪچر نه ٿيڻ وارا ٽائر ڪرائون ڪمپني ٺاهي رهي آهي. ڪمپنين جو چوڻ آهي ته هنن ٽائرن سان هڪ ته روڊ حادثا گهٽجي ويندا، پنڪچر ۽ هوا جي گهٽ وڌ هئڻ سان گاڏي جو بيلنس به خراب نه ٿيندو.

Photo Michelin

دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ اهڙا ٽائر استعمال ٿي رهيا آهن. جنرل موٽر سميت مختلف ڪمپنين جي فنڊنگ سان ٿيل تحقيق ۾ هاڻي ڪمرشل گاڏين لاءِ به اهڙا ٽائر تيار ڪرڻ تي ڪم هلي پيو. انٽريسٽنگ انجنيئرنگ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب هڪ آلو به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به گاڏي جي ٽائر کي چيڪ ڪري اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته هي ٽائر ڪيترو استعمال ٿيل آهي ۽ ڪيترو پراڻو آهي، قابل استعمال آهي يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو