ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي شيراني ويجهو مسافر ڪوچ حادثي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو شيراني ضلعي جي علائقي دانا سرڪا ويجهو پيش آيو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر شيراڻي جو چوڻ آهي ته حادثو خيبرپختونخواهه جي حدن ۾ پيش آيو. اسسٽنٽ ڪمشنر شيراڻي موجب ڪوچ راولپنڊي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته خيبرپختونخواهه ۾ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ژوب ۽ مغل ڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










