عدم اعتماد پرڏيهي سازش آهي، ثبوت جلد سامهون آڻيندس

عدم اعتماد پرڏيهي سازش آهي، ثبوت جلد سامهون آڻيندس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي پريڊ گرائونڊ ۾ سڄي ملڪ مان قافلا پهچي ويا شام جو جلسو شروع ٿيو، عمران خان چيو ته عدم اعتماد جي جيڪا سازش ٿي رهي آهي، اسانکي خبر آهي ته ڪٿان ڪٿان اسان خلاف سازش جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڪٿان ڪٿان دٻاءُ آيو، اسانکي لکت ۾ ڌمڪي ڏني وئي آهي، اسان ملڪي مفاد تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين، مان الزام نٿو لڳايان، مون وٽ خط آهي اهو ثبوت آهي، جنهن کي شڪ آهي ان کي آف دي رڪارڊ اهو ڏاکاريندس ۽ ان تي ڳالهائينداسين، مان ميڊيا سميت سڀني کي چوان ٿو ته ڪيسين اها زندگي گذارينداسين؟ مان ڊڄان نٿو، پنهنجي گهر ۾ رهندو آهيان، تاريخ ۾ مون جيترو گهٽ خرچ ڪنهن وزيراعظم ناهي ڪيو. پرڏيهي سازش جون ڪافي ڳالهيون آهن جيڪي مناسب وقت تي تمام جلد سامهون آنديون وينديون. ملڪي مفاد جي تقاضا آهي اهي هن وقت نٿو ٻڌايان. لنڊن ۾ ويٺل همراهه ڪنهن ڪنهن سان ملي ٿو، ڪنهن جي چوڻ تي هو سازش ڪري پيو؟ هن خط لهرائيندي چيو ته ان ۾ سڀ ثبوت آهن. اسانجي پرڏيهي پاليسي ٻاهران ڪنٽرول ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڪجهه مهينن کان اسانکي خبر آهي، جن ڀٽو جي وارثن ۽ قاتلن کي گڏ ڪيو انهن جي به اسانکي خبر آهي. پر ياد رکو هي ڀٽو وارو دور ناهي رهيو، وقت بدلجي ويو آهي. ياد رکو وقت ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو، پاڻي وهي ويندو آهي، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، اسين ڪنهن جي غلامي قبول نه ڪنداسين، اسانجي حڪومت تبديل ڪرڻ لاءِ ٻاهر کان ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پيسو به ٻاهران آيو آهي. اسانجي ملڪ کي پراڻن ليڊرن کي ڌمڪيون ملنديون رهيون، اسانجي پنهنجي ماڻهن جي مدد سان حڪومتون تبديل ٿينديون رهيون، اسين سازش ڪندڙن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪو عوامي ماڻهو هوندو آهي اهو عوام وٽ ويندو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي مونکي خودداري پسند آهي هن ملڪ کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏني ته هن خلاف فضل الرحمان ۽ نواز شريف جي پارٽين تحريڪ هلائي کيس ڦاهي ڏياري، اڄوڪيون حالتون به ڀٽو دور واريون آهن، هي سڀ گڏ آهن، اڄ ان ڀٽو جو ناٺي ۽ ڏوهٽو ٻئي ڪرسي خاطر ڀٽو جي قاتلن سان ملي ويا آهن، سياست ڀٽو جي نالي تي ڪن ٿا پر سندس قاتلن سان گڏ آهن. شرم ڪريو. هن چيو ته غريب ملڪن جي بدقسمتي آهي ته انهن جا سياستدان ڪرپٽ آهن، انهن ملڪن جو ڪمزور نظام هنن کي نٿو پڪڙي سگهي. هو پيسا چوري ڪري وائيٽ ڪالر ڪرائيم ذريعي پيسا ٻاهر رکن ٿا. هنن جا ربين ڊالر ٻاهر پيا آهن. هنن 3 ڪوئن کي اين آر او نه ڏيندس، حڪومت وڃي يا منهنجي جان هلي وڃي هنن کي اين آر او نه ڏيندس. پهرين ڏينهن کان بليڪ ميل پيا ڪن. جنرل مشرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ هنن کي اين آر او ڏئي ملڪ سان ظلم ڪيو. هن چيو ته اسين فلاحي رياست جي رستي تي هلي پيا آهيون، اسين في گهراڻو علاج لاءِ 10 لک جو صحت ڪارڊ ڏنو، عورتن کي ملڪيت ۾ حق ڏيڻ جو قانون آندو، اسانکي قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي، انصاف جو نظام بهتر ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اسين رڪوڊڪ گولڊ مائن ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ 2 هزار ارب ڏنڊ وڌو اسين ان ڪمپني سان ڳالهيون ڪري اهو معاف ڪرايو ان ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو جيڪا 9 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، پي پي دور ۾ رينٽل پاور جو ترڪي جي ڪمپني تي 200 ارب جو ڏنڊ پيو ترڪي جي صدر کان اهو معاف ڪرايو، اڄ مسلم ليگ () جي ڀيٽ ۾ 23 ڪروڙ روپيا في ڪلوميٽر ڪاسٽ روڊن جي گهٽ ڪئي، نون ليگ وارن گيس ۽ بجلي جا مهانگا معاهدا ڪيا مون انهن ڪمپنين سان ڳالهائي 10 سالن ۾ 400 ارب روپيا ملڪ جا بچايا، نون ليگ وارن جيڪي روڊ ٺاهيا انهن ۾ هڪ هزار ارب روپين جي چوري ڪئي. اسين ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 6000 هزار ارب روپيا ٽيڪس گڏ ڪئي، رڪارد ايڪسپورٽ وڌايا، رڪارڊ پرڏيهه مان ناڻو ملڪ ۾ آيو، اسان هڪ ارب وڻ لڳائي موسمياتي تبديلي جو مقابلو ڪيو، اسين هارين کي اربين روپين جو فائدو ڏنو. عمران خان چيو ته اسين ٽوئرازم تي ڌيان ڏنو اسڪردو ۾ انٽرنيشنل ايئر پورٽ ٺاهيو، عمران اسماعيل، شفقت محمود، علي زيدي، فهميدا مرزا، شيخ رشيد ۽ ٻيا خطاب ڪري چڪا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته مان عمران خان سان گڏ آهيان ۽ گڏ رهندس، اپوزيشن وارا چون ٿا اين آر او ڏيو ته عدم اعتماد جي رٿ واپس ٿا وٺون، اسان انڪار ڪيو آهي ته حڪومت ڀلي وڃي اين آر او نه ڏينداسين. حڪومت نجي ميڊيا جي ڪوريج تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، رڳو پي ٽي وي ۽ ريديو پاڪستان سميت سرڪاري ميديا ڪوريج ڪري رهي آهي. نجي ميڊيا جي ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي بنا ڪيمرا ڪوريج جي اجازت آهي. پنڊال ۾ ڪرسيون ۽ لائيٽون لڳايون ويون آهن. پنڊال جي جيتري سائيز آهي ان ۾ هڪ لک ماڻهو به نه ايندا. جڏهن ته حڪومت جي دعويٰ ڏهه کان 15 لک ماڻهن جي جلسي جي ڪئي پئي وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسلام آباد جي تاريخ جو هڪ وڏو جلسو آهي. عام تاثر هو ته مهانگائي سبب ماڻهو عمران کان تنگ آهن، هن جلسي بعد اهو تاثر شايد رد ٿي وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وفاقي، گلگت، ڪشمير پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت جا سرڪاري ۽ رياستي وسيلا ڀرپور نموني استعمال ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ جلد کان جلد وفاقي راڄڌاني پهچن. پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جيڪو جلسو ٿي رهيو آهي اها پي ٽي آءِ جي جنگ نه پر پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي، اڄ اسان پاڪستان جي تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون.

عمران خان چيو ته جلسي ۾ ايندڙ شهرين کي جلدي وڃڻ گهرجي ڇو ته روڊن تي رش هوندو، خدشو آهي ته توهان وقت تي نه پهچي سگهندا. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ اسلام آباد ۾ تاريخي جلسو ڪري رهي آهي، جنهن کي وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندو. پريڊ گرائونڊ ۾ اڄ ٿيڻ واري جلسي لاءِ 36 ڪنٽينرن جي مدد سان اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، مرڪزي قيادت لاءِ خاص ڪنٽينر تيار ڪيو ويو آهي ۽ جلسي لاءِ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو