پني لڳ حادثي ۾ هڪ فوت، چڪ جو مغوي نوجوان آزاد

سکر(جیرام داس) بائجي ٿاڻي جي حد نيشنل ھاء وي تي نزد بلوچ ڪانٽا لڳ تيز رفتار ڪار بلينو نمبر اي ڊي جي 863 موٽر سائيڪل سوار الهرکيو چاچڙ کي پويان کان ٽڪر هنيو جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، فوتي الهرکيو چاچڙ ڳوٺ  فقير ميان بيگ چاچڙ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، فوتي جي لاش جي قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف بائجي پوليس ڪار ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو. *** چڪ لڳ دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيسو ٽانوري مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 19 سالا نوجوان حبدار علي ٽانوري بازياب ٿي گهر پهچي ويو .دائم ملڪ ٿاڻي تي وارثن سان گڏ پهتل نوجوان حبدار ٽانوري ٻڌايو ته کيس چار هٿيار بند ڳوٺ ٻاهران اٽي جي چڪي تان رات جو اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ کڻي ويا. جنهن بعد وارثن پاڪ ڪتاب گهمايو ته بازياب ٿيو آھيان. هن ٻڌايو ته دائم ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران ايس ايڇ او يار محمد ڀيو اسان کي دٻائي 5 لک رپيا رشوت گهري رهيو آھي اسان ته اگر زبان کولي ته نتيجو خراب ٿيندو. هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو