ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) يونين ڪائونسل حاجي صوڀو خان چانڊيو جي ڳوٺ ونگائي مهيري جو غريب نوجوان سڪندر علي مهيري ۽ سينيئر صحافي محمد رمضان مهيري جو ڀاڻيجو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجي ويو . اهڙي خبر ٻڌنڌي ئي ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو ڳوٺ ونگائي مهيري پهچي ڪميشن پاس نوجوان سڪندر علي مهيري کي مبارڪون ڏنيون ان کان علاوه تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي ٻين مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن به باهمت محنتي سنڌ پبلڪ ڪميشن پاس ڪندڙ نوجوان سڪندر علي مهيري کي سندس ڪيل محنت تي خراج تحسين پيش ڪيو ان سلسي ۾ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي عوام اڳيان ڪميشن پاس ڪندڙ نوجوان سڪندر علي مهيري سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڪاميابي ۾ منهنجي محنت ۽ جيجل امڙ جي ڏنل دعائن سبب اڄ آئون پنهنجي دلي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. جنهن کي آئون پنهنجي لاء هڪ وڏو اعزاز سمجهان ٿو هن چيو ته منهنجو ذاتي مقصد صرف اهو آهي ته آئون مستقبل ۾ اڳيان هلي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر سميت غريب ۽ مسڪين عوام جو ڀرجهلو ٿيان. جيڪو منهجي وس آهر هوندو آئون انهن يتيم توڙي بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهي خدمتون سر انجام ڏيندس.










