پنج وڌيڪ مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق انگ 25 ٿي ويو

پنج وڌيڪ مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق انگ 25 ٿي ويو

عمرڪوٽ (اي بي آريسر) ڊينگي وائرس تي ضابطو نه آيو، ھڪ عورت سميت 5 ڄڻن کي ڊينگي وائرس جي تصديق، انگ وڌي 25 ٿي ويو، اسپري شروع نه ٿيو، انتظاميه پراسرار خاموشي اختيار ڪري ڇڏي. ھڪ عورت مسمات بينظير، 18 سالا جمال الدين، 30 ورھين جي فيصل شريف، ساجد علي ۽ محمد ابراھيم کي ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آھي جن کي وارثن سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪرايو. جتي طبي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي جڏھن ته ڊينگي ۾ مبتلا ٿيل ماڻھن جو انگ ٽن ھفتن دوران وڌي 25 ٿي ويو آھي پر ڊينگي وائرس جي واڌ باوجود به ضابطي آڻڻ لاءِ اڃا تائين مڇر مار اسپري شروع نه ٿي سگھيو آھي جنھن ڪري اڪثر ماڻھن ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويا آھن پر انتظاميه پراسرار خاموشي اختيار ڪري ويٺل آھي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اعظم کوسو چيو آھي ته ڊينگي ۾ مبتلا ٿيل ماڻھن کي علاج ڪرڻ لاء اسان ڪوششون وٺي رھيا آھيون ۽ ڌار وارڊ به قائم ڪيو آھي ھن چيو ته ڊينگي وائرس جي وڌڻ جو ڪارڻ وقت سر اسپري نه ٿيڻ آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو