پنجون ڀيرو آءِ پي ايل جي فاتح ٽيم کي گهڻو انعام مليو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا موجب آءِ پي ايل جي هلندڙ سيزن جي فاتح ٽيم چنائي سپر ڪنگز کي 20 ڪروڙ ڀارتي روپين جي انعامي رقم، رنر اپ ٽيم گجرات ٽائيٽنز کي ساڍا 12 ڪروڙ روپين جي انعامي رقم سان نوازيو ويو. سيزن ۾ ٽئين نمبر تي آيل ممبئي انڊينز کي 7 ڪروڙ جي انعامي رقم ملي، جڏهن ته چوٿين نمبر تي آيل لکنؤ سپر جائنٽس کي 6.5 ڪروڙ جي انعامي رقم ملي. 15 سال اڳ 2008 ۾ جڏهن IPL شروع ٿيو ته انعام جي رقم 4.8 ڪروڙ هندستاني روپيا هئي جڏهن ته رنر اپ جي انعامي رقم 2.4 هندستاني روپيا هئي. سومر تي گجرات جي نريندرا مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ڌوني جي چنائي سپر ڪنگ پنجون ڀيرو کٽي ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو