پنجن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ  89 ڪورونا مريض فوت

پنجن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 89 ڪورونا مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 89 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن ان کانپوءِ  فوت ٿي ويلن جو ٽوٽل انگ 8 هزار 487 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽراين سي او سي موجب ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 885 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 4 لک 23 هزار 179 تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 70 هزار 474 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 55 هزار 354 مريض علاج هيٺ آهن. ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون آهن جتي 3 هزار 177 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ 3 هزار 19، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 413، اسلام آباد ۾ 341، گلگت بلتستان ۾ 98، بلوچستان ۾ 169 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 181 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 32 هزار 816، خيبرپختونخواهه ۾ 49 هزار 676، سنڌ ۾ هڪ لک 84 هزار 486، پنجاب ۾ هڪ لک 23 هزار 762، بلوچستان ۾ 17 هزار 466، آزاد ڪشمير ۾ 7  هزار 356 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 732 مريضن ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 709 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪراچي  ۾ ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح 17.39 سيڪڙو آهي.اين سي او سي موجب حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 18.43 سيڪڙو ٿي وئي آهي. آزاد ڪشمير ۾ 10.83 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 11.62، گلگت بلتستان ۾ 2.68، اسلام آباد 6.16، خيبرپختونخواهه 11.29 ۽ سنڌ ۾ 11.47 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي.اين سي او سي موجب پنجاب ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.42 آهي. لاهور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.47، راولپنڊي ۾ 11.26 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پشاور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 16.2، ڪوئٽه ۾ 6.19 ۽ ميرپور ۾ ڪيسن جي شرح 22 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو