پنجاب ۾ 14 ۽ سنڌ ۾ 15 جولاءِ کان مون سون جي برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي پاران 15 جولاءِ کان مون سون جي برساتن جي پهرين مرحلي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. چيف ميٽرولاجسٽ جو چوڻ آهي ته پهرين اسپيل 15 کان 17 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، پهرين اسپيل ۾ وچولي برسات جو امڪان آهي، ان دوران ، هوائن جو رخ تبديل ٿي ويندو، برسات کان پهريان حبس جي ڪيفيت ٿي سگهي ٿي، جولاءِ ۾ وقفي وقفي سان برسات ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي مرڪزي موسميات کاتي چيو آهي ته اپر پنجاب ۾ 14 جولاءِ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو