لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 14 آگسٽ کان 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ سولر پينل جي ورهاست شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو ته 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ 14 آگسٽ کان مفت سولر پينل حاصل ڪري سگهندا، هن وڌيڪ چيو ته 200 کان وڌيڪ ۽ 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي سولر پينل 10 سيڪڙو معاوضي جي ادائيگي تي ملندا.پنجاب جي گهرو وزير چيو ته سولر پينل جي فراهمي بينڪن جي ذريعي ٿيندي. سولر پينلز جي فراهمي سان بجلي بل ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ايندي، عوام کي رليف ڏيڻ ئي منهنجو مشن آهي، مشڪل حالتون آهن پر عوام سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين.










