لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ڪم گهٽ ۽ اشتهار بازي گهڻي آهي.لياقت بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت جي پاليسي زراعت ۽ هارين جي قتل جي تباهي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي جو موقف عوام قبول نه ڪري رهيو آهي.جماعت اسلامي جي نائب امير وڌيڪ چيو ته حڪومت پيٽرول جون قيمتون گهٽ نه ڪري عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي.لياقت بلوچ اهو به چيو آهي ته پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ عوام سان ناانصافي آهي.










