پنجاب ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ٿي پئي:فياض الحسن

پنجاب ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ٿي پئي:فياض الحسن

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ فياض چوهاڻ ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته سمورا ادارا کليل نموني استعمال ٿي رهيا آهن، دھاندلي نه ٿيڻ ڏني ويندي، 17 جولاءِ تي ڪاميابي ماڻينداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته ن ليگ وارا جنهن تي چاهي ڪيس داخل ڪن ٿا. هن چيو ته اسان پنهنجي قائد عمران خان سان گڏ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو