پنجاب ۾ ڊيزل جو بحران برقرار، وزيراعظم جو  نوٽيس

پنجاب ۾ ڊيزل جو بحران برقرار، وزيراعظم جو نوٽيس

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڊيزل جو بحران برقرار آهي. وزيراعظم شهباز شريف نوٽيس وٺندي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ ڊيزل جي کوٽ سبب هارين ۽ شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مختلف پيٽرول پمپس تي ڊيزل 10 کان 15 ليٽر کان وڌيڪ نه پيو ڏنو وڃي. ڊيزل بحران تي وزيراعظم شهباز شريف نوٽيس وٺندي اجلاس طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس دوران پيٽروليم ۽ اوگرا اختيارين کي ڊيزل جي فراهمي يقيني بنائڻ تي اهم هدايتون ڏيندو. ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيٽرول پمپس تي ذخيره اندوزي جو خاتمو ضروري آهي. ڊيزل جي مسئلي جو نوٽيس ورتو ويو آهي. هارين کي ڊيزل جي فراهمي يقيني بنائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو