پنجاب ۾ چونڊن لاءِ تاريخون تجويز،صدر پاران 30 اپريل جي منظوري

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ تاريخون تجويز،صدر پاران 30 اپريل جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن لاءِ تاريخون تجويز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ گورنر کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صدر ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر کي خط لکي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ 30 اپريل کان 7 مئي تائين چونڊن لاءِ تاريخون تجويز ڪيون آهن. مملڪتي صدر 30 اپريل تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي صدر اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ بعد تاريخ جو اعلان ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو