پنجاب ۾ فوت ٿيل دادو واسين جي تدفين، شهر ۾ سوڳ

دادو ( رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)پنجاب جي علائقي شاه ڪوٽ  ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل  دادو واسي 3 ڄڻن جا مڙھ دادو آندا ويا ته ماحول سوڳوار بڻجي ويو فوتي پورهيتن جي مائٽن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ياد رهي ته گذريل ڏينهن روزگار سانگي پنجاب ويل دادو جي پير ڳڻيو جي رهواسين سان حادثو پيش آيو هو حادثي جي نتيجي  ۾ محمد سرور پٽ حاجي  رانجهو ملاح  محمود پٽ محمد يعقوب ملاح  لطيف پٽ الهڏنو ملاح فوت ٿي ويا هئا حادثي ۾ فوت ٿي ويلن  3 ڄڻن جي جنازه نماز کانپوء  پير ڳڻيو جي اباڻي قبرستان ۾ کين مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو