پنجاب ۾ سياسي ڪنوار  اچي وئي آهي: شيخ رشيد

پنجاب ۾ سياسي ڪنوار اچي وئي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سياسي ڪنوار اچي ويا آهن، دولي کان سواءِ ڪنوار اچي وئي آهي. اسلام آباد جي عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عوامي مسلم ليگ سياسي دوري خلاف عدالت سان رجوع ڪندي.هن چيو ته پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو فرنٽ مين آهي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ تباهي تباهي آهي، ملڪ بچائڻ لاءِ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا.سندس اهو به چوڻ آهي ته معاملو سياست کان اڳتي نڪري ويو آهي، ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڃي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو