پنجاب ۾ برسات، سڀاڻي کان ڪراچي ۾ وسڪاري جو امڪان

پنجاب ۾ برسات، سڀاڻي کان ڪراچي ۾ وسڪاري جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي سڀاڻي کان 22 مارچ تائين ڪراچي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي ته مارچ جي آخري ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ برسات پوندي، جڏهن ته رمضان المبارڪ جي ٻئي ۽ ٽئين ڏهاڪي ۾ نسبتاً گرم موسم رهڻ جو امڪان آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته شهر قائد ۾ سڀاڻي کان ايندڙ 4 ڏينهن تائين برسات جا امڪان آهن.ٻئي طرف لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ سان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.بهاولنگر، ڀکر، پاڪپتن، پتوڪي ۽ راجن پور سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي، جڏهن ته تله گنگ ۽ ڀکر ۾ گجگوڙ سبب ڪڻڪ، چڻا ۽ ڀاڄين سميت ڪيترن ئي فصلن کي سخت نقصان پهتو. تله گنگ ۾ تيز هوائن سبب ڪيترن ئي ڪچي گهرن کي به نقصان پهتو، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو