اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب اسيمبلي جي اقليتي سيٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب اقليتي سيٽ تي مسلم ليگ ن جا 5 اميدوار پنجاب اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا آهن.پنجاب اسيمبلي پاران عورتن جي سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ عورتن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پنجاب اسيمبلي جي 36 سيٽن تي مسلم ليگ ن جي عورت اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پيپلز پارٽي 3، مسلم ليگ (ق) 2 ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن لاءِ 66 ۽ اقليتن لاءِ 8 سيٽون مخصوص آهن.پنجاب اسيمبلي جي 8 اقليتي سيٽن مان 5 ۽ عورتن جي 66 مان 42 سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري
اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي سيٽن تي پيپلز پارٽي جا 6 ۽ ايم ڪيو ايم جا 2 ميمبر چونڊيا ويا آهن. عورتن جي 20 سيٽن تي پيپلز پارٽي جا ميمبر چونڊيا ويا آهن، عورتن جي مخصوص سيٽن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 6 ۽ جي ڊي اي جو 1 ميمبر چونڊيو ويو آهي.










