پنجاب پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون، جيڪٽون ۽ تربيت ڏيڻ جو حڪم

پنجاب پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون، جيڪٽون ۽ تربيت ڏيڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽون ۽ گاڏيون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن ۽ عالمن سان ملاقاتون ڪيون وڃن.اجلاس ۾ صوبائي بارڊر آئوٽ پوسٽن جو تعداد وڌائڻ جي تجويز سامهون آئي، ان موقعي تي وڏي وزير پوليس اهلڪارن کي فوري طور تي بلٽ پروف گاڏيون ۽ بلٽ پروف جيڪٽس ڏيڻ جو به حڪم ڏنو. اجلاس ۾ پوليس کي هڪ ارب رپين جي گرانٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي.مريم نواز سرحدي چوڪن تي مقرر پوليس اهلڪارن کي خاص تربيت ڏيڻ جو اعلان ڪيو.بارڊر سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن کي مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ ۽ غير قانوني هٿيارن جي خاتمي لاءِ مهم تيز ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.اجلاس ۾ ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي جو به فيصلو ڪيو ويو.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عوام جي تحفظ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو اهو ڪيو ويندو.ڏوهن ۽ سماج دشمن عنصرن سان بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي، پوليس کي بااختيار بڻايو وڃي ته هو ڪنهن به جرم جي انجام تائين پهچڻ جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ڪارروائي ڪري.مريم نواز چيو ته پوليس چيڪ پوسٽن تي حملا ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو وڃي ته جيئن اهي مستقبل ۾ حملي جي جرئت نه ڪن، پوليس چيڪ پوسٽن جي وچ ۾ پوليس گشت جو بندوبست ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو