راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل ڪيو آهي.اهڙو اظهار شيرين مزاري راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.سندس چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پاران مقرر ڪيل جج هاڻي چئي رهيو آهي ته اسان کي مٿس اعتبار ناهي.اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جو به چوڻ آهي ته هي قانون جو تماشو بڻجي ويو آهي.










