گورنر پنجاب جا عثمان بزدار جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ تي اعتراض

گورنر پنجاب جا عثمان بزدار جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ تي اعتراض

لاهور:(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه سردار عثمان بزدار جي استعيفيٰ جي منظوري تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي. پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه طرفان عثمان بزردار جي استعيفيٰ جي منظوري بابت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي خط لکيو ويو آهي. عمر سرفراز چيمه خط ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کان عثمان بزدار جي استعيفيٰ جي منظوري جي قانوني حيثيت بابت پڇاڻو ڪيو آهي. پنجاب جي گورنر عثمان بزدار جي استعيفيٰ جي منظوري تي اعتراض اٿاريندي پڇيو ته استعيفيٰ جي منظوري ۾ ڪابه ائيني ڀڃڪڙي ته نه ڪئي وئي آهي. عمر سرفراز چيمه اڳوڻي گورنر چوڌري سرور جي طرفان عثمان بزدار جي استعيفيٰ جي منظوري تي اعتراض اٿاريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو