پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت تفصيلي حڪم جاري

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت تفصيلي حڪم جاري

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي ننڍي چونڊ بابت سپريم ڪورٽ جو 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس اعجاز الاحسن لکيو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ٻي پولنگ 22 جولاءِ تي پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندي، پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ٻي پولنگ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبليءَ جي صدارت هيٺ ٿيندي، فريقين جي يقين ڌياني تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ترميم ڪري رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته وڏو وزير حمزا شهباز ۽ سندس ڪابينا عدالت کي ڏنل يقين ڏياريو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وينديون، وڏو وزير 22 جولاءِ تائين پنجاب جي عوام جي نمائندگي ۽ گورننس جي حقن لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندو، لاهور. هاءِ ڪورٽ 27 مئي جي سمري فيصلي جا تفصيل هڪ هفتي بعد جاري ڪري. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته 17 جولاءِ تي ضمني چونڊون اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب ڪرايون وڃن، جن تڪن ۾ ضمني چونڊون ٿيڻيون آهن اتي ڪا به ترقياتي اسڪيم شروع نه ڪئي ويندي، پارٽيون چونڊ ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪن. ڪا به رياستي مشينري، ادارو يا فرد ڪنهن کي ايذاءُ نه ڏيندو يا اليڪشن تي اثر انداز ٿيندو. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ايوان جو ماحول خوشگوار رکڻ جو يقين ڏياريو، اميد آهي ته پرويز الاهي ۽ حمزه شهباز جي پرامن چونڊن جي يقينن تي عمل ڪيو ويندو، مسلم ليگ (ق) جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، ڪيس ختم ڪيو پيو وڃي،

پهنجو تبصرو موڪليو