لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي مختلف شهرن مان 10 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي جي ترجمان چيو ته آپريشن لاهور، بهاولپور، راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ جهلم ۾ ڪيو ويو،ترجمان چيو ته ننڪانه صاحب سان تعلق رکندڙ ٻن خطرناڪ دهشتگردن کي راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته دهشتگردن کان ڌماڪيدار مواد ۽ ڊيٽونيٽرز هٿ ڪيا ويا آهن.سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار مختلف هنڌن تي دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.










