پنجاب جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

پنجاب جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي بجيٽ نيٺ پيش ٿي وئي. پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ايوان اقبال ۾ ٿيو. پنجاب جي ناڻي واري وزير اويس لغاري سال 23-2022 جي صوبائي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن جو ڪاٿو 32 کرب 26 ارب رپيا آهي. اويس لغاري چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي آمدني جو ڪاٿو 25 کرب 21 ارب 29 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، صوبائي اوڳاڙين ۾ 5 کرب 53 ڪروڙ رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن لاءِ 5 کرب 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح کي هڪ مان وڌائي ٻه سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، مراعتن يافته طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو.سندس چوڻ هو ته پگهارن جي ادائيگي لاءِ 4 کرب 35 ارب 87 ڪروڙ، جڏهن ته 3 کرب 12 ارب رپيا پينشن لاءِ رکيا ويا آهن، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.صوبائي وزير چيو ته بجيٽ جو 40 سيڪڙو سوشل سيڪٽر، 24 سيڪڙو انفرا اسٽرڪچر تي لڳايو ويندو، پنجاب ۾ روڊن جي اڏاوت ۽ مرمت لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سيف سٽي منصوبي جي بحالي ۽ واڌ لاءِ 3 ارب 6 ڪروڙ رپيا، عام ماڻهو کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ 125 ارب 34 ڪروڙ رپيا، زراعت جي شعبي لاءِ مجموعي طور تي 53 ارب 19 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.اويس لغاري چيو ته شهرين جي ڀلائي لاءِ 6 ارب رپيا، ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ ڏيڍ ارب رپيا، ڏکڻ پنجاب جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 240 ارب رپيا، سوشل سيڪٽر لاءِ 272 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ مجموعي طور تي 484 ارب 26 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، تعليم لاءِ اڳوڻي حڪومت جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ رقم رکي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو