لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي برطرف ڪري سندس جاءِ تي عمر سرفراز چيما کي نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن حلف کڻي ذميواري سنڀالي ورتي آهي. هٽايل گورنر چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته شڪر آهي مان غير آئيني ڪم کان بڄي ويس. هن چيو ته وزيراعظم ۽ چوڌري پرويز الاهي کيس غير آئيني حڪم جاري ڪرڻ تي مجبور ڪيو، رات پرويز الاهي چيو ته آچر تي ووٽنگ لاءِ اجلاس سڏايو دير ٿي ماڻهو فري ويندا، وري چيائون ته ووٽنگ ۾ ڪاميابي نه ٿي ته اسمبلي ٽوري ڇڏجو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري سرور پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي مهم هلائي رهيو هو ۽ هو پرويز الاهي جي وڏي وزير جي اميدوار طور مخالفت ڪري رهيو هو.ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري شڪايت ڪئي، جنهن تي وزيراعظم معاملي جو نوٽيس وٺندي صدر کي پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ جو مشورو ڏنو.










