پنجاب اسيمبلي ۾ بدنظمي،ڊپٽي اسپيڪر تي حملو،مارڪٽ

پنجاب اسيمبلي ۾ بدنظمي،ڊپٽي اسپيڪر تي حملو،مارڪٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ)اسيمبلي اجلاس جئين شروع ٿيو ته ايوان ۾ پهتل حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ، پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي ايوان ۾ لوٽن سان حملو ڪيو ويو، مڇريل ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر کي وارن مان گهلي تشدد جو نشانو بڻايو. اپوزيشن ميمبرز ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي دفاع ۾ سامهون آيا ته حڪومتي ميمبرز ساڻن هٿين پئجي ويا ۽ هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ڇڪتاڻ سبب ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پنجاب اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ ميمبرز جي آمد جو سلسلو جاري آهي، ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ پرويز الاهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچي چڪا آهن، حمزه شهباز به اپوزيشن اتحاد سان گڏ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هوٽل مان خصوصي بسن ذريعي ايوان پهتو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ ڪجهه عورت ميمبرز لوٽا کڻي ايوان پهتيون ۽ لوٽا هڪٻئي ڏانهن اڇلينديون رهيون، جنهن بعد گوڙ شروع ٿيو ۽ نعريبا زي سان ايوان گونجي اٿيو. ڪجهه ميمبرز ڊپٽي اسپيڪر جي ڊيسڪ تي به لوٽو رکي ڇڏيو، اسيمبلي عملي جي وارننگ بعد ميمبرز ڊپٽي اسپيڪر جي ڊيسڪ تي رکيل لوٽو کڻي ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو