لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پنجاب جي 160 اسيمبلي ميمبرن مان 159 جون استعيفائون مون وٽ پهچي ويون آهن.جاتي عمره ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ لاءِ جان ڏني. ميان نوازشريف ۽ بي بي شهيد ملڪ جي لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو. مان ۽ بلاول ميثاق جمهوريت کڻي اڳيان وڌنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن جي لاءِ اسان سڀني پارٽيون گڏ آهيون. مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيون پارٽيون ڪليئر آهن ته جعلي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. حڪومت کي اين آر او نه ڏينداسين. مريم نواز چيو ته هي حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي. ان جي پرفارمنس به خراب آهي هي جيتري ڪوشش ڪندا ناڪام ٿيندا ۽ حڪومت کي گهر وڃڻو ئي پوندو. هن چيو ته حڪومتي اجلاس ۾ ڳالهيون ٿيون آهن ته فلاڻو ليڊر پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ناهي آيو هنن ۾ ڏار پئجي ويا آهن. بلاول مردان ۾ نه آيو ته چيو پئي ويو ته پي ڊي ايم ۾ ڏار پئجي ويا آهن. مون کي هنن جي حالت تي ترس ايندو آهي.محمد علي دراني جي شهباز شريف سان جيل ۾ ملاقات جي حوالي سان پڇيل سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته جيل ۾ هوندا آهيون ته خبر ناهي هوندي ته ملاقات جي لاءِ ڪير اچي رهيو آهي. جيل ۾ اوچتو ٻڌايو ويندو آهي ته ڪير ملڻ اچي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ سان وفادار آهي ۽ ان آڌار تي هو پٽ سان گڏ جيل ۾ آهي. شهباز شريف وفادار نه هجي ها ته اڄ هن نالائق جي جڳهه پاڻ وزيراعظم هجي ها. پر ليگي اسيمبلي ميمبرن جي نيت تي ڪوبه شڪ نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته محمد علي دراني کان اڳ حڪومتي اڳواڻن پاران اسان سان رابطي ڪيا پئي ويا. اها ڳالهه واضح آهي ته هن جعلي حڪومت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.مريم نواز چيو ته عجيب ڳالهه اها آهي ته جتي خاندان وارن کي ملاقات جي اجازت ناهي اتي ٻين جون ملاقاتون ڪيئن ٿي رهيون آهن. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضِيٰ جاويد عباسي جي استعيفيٰ بابت سوال تي مريم نواز چيو ته مرتضيءِ جاويد عباسي پاڻ حيران آهي ته ان جي استعيفيٰ حڪومت وٽ ڪيئن پهتي. 31 ڊسمبر تائين استعيفائون پارٽي اڳواڻن کي جمع ڪرائڻيون آهن.هن جو چوڻ هو ته مون کي 160 صوبائي اسيمبلي ميمبرن مان 159 جون استعيفائون اچي ويون آهن. استعيفيٰ اسپيڪر وٽ جمع ڪرائڻ جي تاريخ جو تعين پارٽي پاڻ ڪندي. مسلم ليگ(ن) جا ماڻهو پوئتي نٿا هٽي سگهن. عوام مسلم ليگ(ن) ۽ پي ڊي ايم طرف ڏسي رهي آهي.










