لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري کي گرفتار ڪري ورتو. پنجاب اسيمبلي جو سيڪريٽري عنايت الله لک گورنر هائوس پهچي رهيو هو ته سندس گرفتاري لاءِ سندس هنڌ ٽريڪ ڪيو ويو ۽ پوليس کيس گورنر هائوس ٻاهران ئي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اسيمبلي کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيڻو هو، جنهن ۾ خدشو هو ته سيڪريٽري اسيمبلي اجلاس جو ماحول خراب ڪري سگهي ٿو، جنهن کي نظر ۾ رکندي سيڪريٽري اسيمبلي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ کانپوءِ سيڪريٽري اسيمبلي جي مقرري بابت فيصلو ڪيو ويندو.










