پنجاب اسمبلي ۾ حريم زاده جي نعرن جي گونج، هل هنگامو

پنجاب اسمبلي ۾ حريم زاده جي نعرن جي گونج، هل هنگامو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب اسمبلي جي اجلاس ۾ جمعي تي جيئن ئي اطلاعات جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ تقرير شروع ڪئي ته ايوان ۾ اپوزيشن وارن حريم زاده جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. جنهن تي چوهاڻ چيو ته لڳي ٿو ته هنن کان طاهره سيد ۽ دلشاد بيگم وسري وئي آهي جن کي نواز شريف گانا ٻڌائيندو هو. ان دوران ايوان ۾ سخت هل هنگامو ٿي ويو ۽ مسلم ليگ (ن) وارن چيو ته جڏهن به چوهاڻ ايندو آهي ته معاملا خراب ٿيندا آهن. حڪومت ۽ اپوزيشن وارن هڪٻئي تي بدڪلامي جا الزام هڻندي پنهنجي پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ جا ڀاشن ڏنا. اطلاعات واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اٽي جو ڪو به بحران ناهي صورتحال معملو موجب آهي. پنجاب اسمبلي جو اجلاس سومر جي شام تائين ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو