پنجابي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) آدمشماري جا ٻولي وار انگ اکر جاري 2017 واري آدمشماري ۾ ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ ڳالهائجندڙ ٻولي پنجابي، ٻئين نمبر تي پشتو، ٽئين نمبر تي سنڌي، چوٿين نمبر تي اردو ڳالهائيندڙ هجڻ جو انڪشاف ٿيوآهي، آدشماري ڪرائيندڙ کاتي شماريات بيورو پاران ملڪ اندر 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جا ٻولي وار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ڪل آبادي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 7.08 سيڪڙو، پنجابي ڳالهائيندڙ 38.78 سيڪڙو، سنڌي ڳالهائيندڙ 14.57 سيڪڙو، پشتو ڳالهائيندڙ 18.24 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 3.02 سيڪڙو، ڪشميري ٻولي ڳالهائيندڙ 0.17 سيڪڙو، سرائيڪي ڳالهائيندڙ 12.19 سيڪڙو، هندڪو 2.44 سيڪڙو، براهوي 1.24 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 2.26 سيڪڙو شامل آهن، جڏهن ته سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ 61.60 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ، 18.20 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ، 5.31 سيڪڙو پنجابي ڳالهائيندڙ، 5.46 سيڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ ، 2 سيڪڙو بلوچي ڳالهائيندڙ، ڪشميري ڳالهائيندڙ 0.15 سيڪڙو، سرائيڪي ڳالهائيندڙ 2.23 سيڪڙو، هندڪو 1.57 سيڪڙو، براهوي 0.73 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 2.75 سيڪڙو شامل آهن، خيبر پختونخوا صوبي جي ڪل آبادي ۾ 76.86 سيڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ، 0.90 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ، 0.54 سيڪڙو پنجابي ڳالهائيندڙ، 0.09 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ ، 0.08 سيڪڙو بلوچي، ڪشميري ڳالهائيندڙ 0.14 سيڪڙو، سرائيڪي 3.72 سيڪڙو، هندڪو 11.48 سيڪڙو، براهوي 0.20 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 5.99 سيڪڙو شامل آهن، جڏهن ته فاٽا جي ڪل آبادي ۾ 98.40 سيڪڙو پشتو، 0.49 سيڪڙو اردو، 0.28 سيڪڙو پنجابي، 0.10 سيڪڙو سنڌي، 0.08 سيڪڙو بلوچي، ڪشميري ڳالهائيندڙ 0.07 سيڪڙو، سرائيڪي ڳالهائيندڙ 0.08 سيڪڙو ، هندڪو 0.02 سيڪڙو، براهوي ڳالهائيندڙ 0.16 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 0.33 سيڪڙو شامل آهن، پنجاب صوبي جي ڪل آبادي ۾ 69.67 سيڪڙو پنجابي، 4.87 سيڪڙو اردو، 0.15 سيڪڙو سنڌي، 1.98 سيڪڙو پشتو، 0.83 سيڪڙو بلوچي ڳالهائيندڙ، 0.17 سيڪڙو ڪشميري، 20.68 سيڪڙو سرائيڪي، 0.59 سيڪڙو هندڪو، 0.03 سيڪڙو براهوي ۽ 1.03 سيڪڙو ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شامل آهن، بلوچستان صوبي ۾ بلوچي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ آبادي لڳ ڀڳ برابر ٿي وئي آهي، بلوچستان صوبي جي ڪل آبادي ۾ بلوچي ڳالهائيندڙ 35.49 سيڪڙو، جڏهن ته پشتو ڳالهائيندڙ 35.34 سيڪڙو، سنڌي ڳالهائيندڙ 4.56 سيڪڙو، پنجابي ڳالهائيندڙ 1.13 سيڪڙو، اردو ڳالهائيندڙ 0.81 سيڪڙو، ڪشميري ڳالهائيندڙ 0.14 سيڪڙو، سرائيڪي ڳالهائيندڙ 2.65 سيڪڙو، هندڪو 0.28 سيڪڙو، براهوي 17.12 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 2.47 سيڪڙو شامل آهن، جڏهن ته اسلام آباد جي ڪل آبادي ۾ 52.27 سيڪڙو پنجابي، 18.50 سيڪڙو پشتو، 12.23 سيڪڙو اردو، 0.77 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ، 0.15 سيڪڙو بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙ، 0.09 سيڪڙو ڪشميري، 2.12 سيڪڙو سرائيڪي، 6.40 سيڪڙو هندڪو، 0.13 سيڪڙو براهوي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندر 5.34 سيڪڙو شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو