کاتي ۾ هيرا ڦيري، سب رجسٽرار تي ڪيس داخل

ڪنڌڪوٽ (ن س) ساڍا پنج هزار  فوٽ پلاٽ جي کاتي جي ھيرا ڦيري ڪرڻ تي گامڻ بکراڻي جي در خواست تي سيشن جج جي عدالت پاران ڪنڌڪوٽ جي سب رجسٽرار مجيب الرحمن جکراڻي، پيپلز پارٽي يوٿ ونگ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري عابد، صدر گاجاڻي، ڪنڌڪوٽ سٽي جي تپيدار آفتاب احمد ملڪ، پوليس اھلڪار شعبان جکراڻي سميت پنجن ڄڻن تي ايس ايڇ او، اي سيڪشن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.عدالت جي حڪم تي عمل ڪندي پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو