جوھي (ن سنڌيار )ڳوٺ قاسم جمالي جو رهواسي فقير محرم ڪوري, محمد عارب ڪوري جوهي پريس ڪلب پهچي الزام هڻندي چيو آهي ته ڳوٺ قاسم جمالي ۾ منهنجي پلاٽ تي ڪوري برادري جا بااثر ماڻهو زوري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن مزاحمت ڪرڻ تي اسان مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو ويو, جوهي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرڻ باوجود جوهي پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ بجاء خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن وڌيڪ چيو آهي ته اسان کي ڳوٺ مان زوري لڏائڻ چاهين ٿا ۽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري اسان کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪندي چيو آهي ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،










