پلان سي تحت مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرنداسين؛ راشد محمود

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) پلان سي شروع ٿيندو جنهن ۾ مٿي تي ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪرنداسين ۽ اها جيل ڀريو تحريڪ  هوندي، نمرتا جي خون سان انصاف ڪري يونيورسٽي جي وي سي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد  محمود سومرو گهوٽڪي ۾ چنا پمپ وٽ قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻي واري هنڌ ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي مولانا فضل الرحمٰن عوام کي ظالم حڪمران مان نجات ڏيارڻ لاءِ ميدان تي نڪتو آهي عوام کي گهرجي ته هو مولانا جو ڀرپور ساٿ ڏين. هن چيو ته قائد جي حڪم تائين اسان جا ڌرڻا جاري رهندا حڪومت ڪيترائي ڪيس داخل ڪري ڊڄڻ وارا ناهيون.

ان موقعي تي ساڻس جي يو آءِ گهوٽڪي جو اڳواڻ مولانا اسحاق لغاري، مولوي غلام رسول ڪلهوڙو، حافظ سراج احمد چنو ۽ خالد محمود ڪلهوڙو گڏ هئا. ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ عبدالنبي شيخ مطابق جي يو آءِ پاران سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کي ملائيندڙ بارڊر باءِ پاس جيڪب آباد جي زيرو پوائنٽ وٽ پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ڌرڻي جي اڳواڻي ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، جي يو آءِ ضلع شڪارپور جي امير مولانا عبدالله پهوڙ، جي يو آءِ لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو، سيد عبدالباسط شاهه، مولانا فدا احمد ڊول ، مولانا سليم الله بروهي، حافظ محمد عباس نوناري، ڊاڪٽر خليل احمد کوسو، مولانا عبدالجبار رند، حمادالله انصاري، مولانا عبدالوحيد بروهي، مولانا عبدالمالڪ گهنيو ۽ ٻين ڪئي. ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق جي يو آءِ پاران پلان بي تحت اڄ پنجين ڏينهن به ڪنڌڪوٽ ڪشمور انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو جاري رھيو.ڌرڻي کي جي يو آئي سنڌجي جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو پڻ خطاب ڪيو. واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) پاران اسلام آباد ڌرڻو ختم ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ پلان بي تحت ضلعي سطح تي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد اڄ پنجين ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن پاران ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو