گهر تي حملو پلاند ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ اغوا، 7 زخمي

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) سيٺارجا ڀرسان کرڙاهه ۾ڪجهه ڏينهن اڳ ناري نجمه چنو جي مبينا اغوا جي پلاند ۾ هٿياربند گهر تي حملو ڪري الزام هيٺ آيل ڌُر جي هڪ عورت کي اغوا ڪري ويا، ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري ٻن عورتن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ماڙي شاخ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري نجمه چنو جي معاملي ۾ الزام هيٺ آيل نوجوان محمد رمضان بالڪاڻي جي گهر تي هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سوڌو 7 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.گهر تي حملي دوران زخمي ٿيلن ۾ رمضان، شعبان، صدر الدين، عبدالرحمان، نادر حسين،فيض محمد، مسمات عظيمان شامل آهن، جِن کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو ويو،.حملي دوران هٿياربند هڪ 24 سالا ٻن ٻارن جي ماءُ مسمات نسيمان زال محمد رمضان بالڪاڻي کي اغوا ڪري ويا.علائقي ۾چوٻول آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري نجمه چنو ۽ عبدالرحمان بالڪاڻي پسند جي شادي ڪري ورتي هئي ، جڏهن ته زخمي ٿيلن جو چوڻ هو ته نجمه چنو کي هُنن اغوا ناهي ڪيو، بنا جواز الزام مڙهي سندن ناري مسمات نسيمان کي اغوا ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي نارين جي اغوا جي ڄاڻ ملي آهي، واقعي جي في الحال اين سي داخل ڪئي وئي آهي، اصل معاملي تائين پهچڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو